محبت کي محسوس ڪري سگهجي ٿو، بيان نٿو ڪري سگهجي

محبت کي محسوس ڪري سگهجي ٿو، بيان نٿو ڪري سگهجي

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان شوبز انڊسٽري جي سينيئر اداڪار شبير جان محبت جي جذبي بابت خيالن جو اظهار ڪيو آهي.شبير جان تازو ئي هڪ خانگي ٽي وي شو ۾ مهمان طور نظر آيو جتي کانئس پڇيو ويو ته ڇا کيس زندگي ۾ ڪڏهن ڪنهن سان پيار ٿيو آهي ۽ جيڪڏهن ائين آهي ته ڇا هو پنهنجي محبت ڳولڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي؟ان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته محبت هڪ اهڙو احساس آهي جنهن کي محسوس ڪري سگهجي ٿو پر بيان نٿو ڪري سگهجي.اداڪاره چيو ته محبت ۾ سڀ کان اهم شيءِ هڪ ٻئي کي سمجهڻ ۽ هڪ ٻئي جي عزت ڪرڻ آهي، اها ئي محبت جي بنياد آهي.هن چيو ته جيڪڏهن ٻه ماڻهو هڪ ٻئي کي سمجهن ۽ هڪ ٻئي جو احترام ڪن ته محبت قائم رهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو