ٽنڊومحمدخان (لال بخش سٺيو) يوسي بلڙي لڳ ڳوٺ گلاب سمون جي فيروز آباد فارم جا ڳوٺاڻا پل نه هئڻ ڪري گنج بحر واه مٿان ڪاٺ رکي گذرڻ تي مجبور بڻيل، تڪ جا چونڊيل نمائندا اگهور ننڊ ۾ پيل آهن، اسان مسڪين ڪنهن در دانهيون وقت جي ڪامورن کي سوچڻ گهرجي ته هن ڪاٺ مٿان جنازا، بيمار مريض ۽ معصوم ٻارڙا اسڪول ڪيئن ويندا. اهڙن خيالن جو اظھار ڳوٺاڻن سڪندر ملاح، ابو سمون، والجي ڪولهي ۽ ٻين ڳوٺاڻن واهه مٿان پيل ڪاٺ تي بيهي انوکو احتجاج ڪندي ميڊيا سان ڳالهين دوران ڪيو. هنن چيو ته هتي ڳوٺن ۾ سما، ملاح ۽ ڪولهين جا ڳوٺ آباد آھن جيڪي پل نه هئڻ سبب سخت پريشاني م مبتلا آھن ۽ ڪيترائي ماڻھون هن ڪاٺ تان ڪري ٻڏي موت جو کاڄ بڻجي چڪا آھن. اسان جا معصوم ٻارڙا به هتان گذرن ٿا جيڪو تمام خطرناڪ آھي ڪنهن وقت به هتي وڏو جاني نقصان ٿيڻ جو انديشو رهي ٿو. هنن چيو ته بيمار مريضن کي به هن واهه مٿان پيل ڪاٺ تان گذاريو وڃي ٿواسان چونڊيل عوامي نمائيندن ۽ ٻين اعليٰ اختيارين وٽ ڪافي ڀيرا دانهيو آھي پر اسان جي ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار نه آھي. هنن وزير اعليٰ سنڌ ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته اسان کي پل ٺھرائي ڏني وڃي ته جيئن ڳوٺاڻن جون زندگيون محفوظ رهي سگهن.










