اسلام آباد (اياز مهر) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سيڪريٽري جنرل ۽ سينيٽر عبدالغفور حيدري الزام عائد ڪيو آهي ته عدالت عظميٰ آسيه بيبي کي مغربي ملڪن جي دٻاءُ سبب آزاد ڪيو ۽ مغربي طاقتون توهين رسالت جي قانون ۾ نرمي ڪرڻ لاءِ عمران خان کي سازش تحت اقتدار وٺي ڏنو آهي. هن چيو ته عوام جو عدالتي نظام مان اعتماد کڄي چڪو آهي ۽ هاڻي عدالت پنهنجي داغدار ساخت کي بهتر بڻائڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي. واضح رهي ته گذريل سال آڪٽومبر ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان توهين مذهب ڪيس ۾ مسيحي خاتون آسيه بي بي جي سزاءِ موت کي ڪالعدم قرار ڏيندي ان کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو هو. چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ جسٽس آصف سعيد کوسا ۽ جسٽس مظهر عالم تي مشتمل 3 رڪني بئنچ 8 آڪٽومبر تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو هو. آزادي مارچ ڌرڻي کي خطاب ڪندي هن چيو ته جيڪڏهن حڪومت استعيفيٰ نه ڏني ته جلد ملڪ ۾ مڪمل طور لاڪ ڊائون ڪيو ويندو. هن جو چوڻ هو ته آزادي مارچ هڪ تحريڪ آهي ۽ پوري ملڪ ۾ پکڙجي ويندي اسان روڊ رستا ۽ موٽرويز بند ڪري ڇڏينداسين.










