عوام جو عدالتي نظام تان اعتماد کڄي چڪو آهي؛ عبدالغفور

عوام جو عدالتي نظام تان اعتماد کڄي چڪو آهي؛ عبدالغفور

اسلام آباد (اياز مهر) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سيڪريٽري جنرل ۽ سينيٽر عبدالغفور حيدري الزام عائد ڪيو آهي ته عدالت عظميٰ آسيه بيبي کي مغربي ملڪن جي دٻاءُ سبب آزاد ڪيو ۽ مغربي طاقتون توهين رسالت جي قانون ۾ نرمي ڪرڻ لاءِ عمران خان کي سازش تحت اقتدار وٺي ڏنو آهي.  هن چيو ته عوام جو عدالتي نظام مان اعتماد کڄي چڪو آهي ۽ هاڻي عدالت پنهنجي داغدار ساخت کي بهتر بڻائڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي. واضح رهي ته گذريل سال آڪٽومبر ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان توهين مذهب ڪيس ۾ مسيحي خاتون آسيه بي بي جي سزاءِ موت کي ڪالعدم قرار ڏيندي ان کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو هو. چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ جسٽس آصف سعيد کوسا ۽ جسٽس مظهر عالم تي مشتمل 3 رڪني بئنچ 8 آڪٽومبر تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو هو. آزادي مارچ ڌرڻي کي خطاب ڪندي هن چيو ته جيڪڏهن حڪومت استعيفيٰ نه ڏني ته جلد ملڪ ۾ مڪمل طور لاڪ ڊائون ڪيو ويندو. هن جو چوڻ هو ته آزادي مارچ هڪ تحريڪ آهي ۽ پوري ملڪ ۾ پکڙجي ويندي اسان روڊ رستا ۽ موٽرويز بند ڪري ڇڏينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو