پي ٽي آءِ اليڪشن ڪميشن جو فيصلو چئلنج ڪري ڇڏيو

پي ٽي آءِ اليڪشن ڪميشن جو فيصلو چئلنج ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف غير ملڪي فنڊنگ ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن جو 10 آڪٽومبر وارو فيصلو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلنج ڪري ڇڏيو ۽ ان کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي آهي. عدالت کي استدعا ڪئي وئي ته اليڪشن ڪميشن جو حڪم ڪالعدم قرار ڏئي درخواست تي فيصلو اچڻ تائين ان کي معطل ڪري اسپيشل ڪميٽي کي به ان تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ کان روڪيو وڃي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل پي ٽي آءِ جي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن 10 آڪٽومبر جي حڪم جي نتيجي ۾ پارٽي فارين فنڊنگ جي اسڪروٽني لاءِ اسپيشل ڪميٽي جو قيام عمل ۾ آيو، اليڪشن ڪميشن جي تشڪيل مڪمل نه هئڻ سبب ان حڪم جو ڪو به قانوني جواز ناهي ان ڪري اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو