سکر (رپورٽر) 05 آگسٽ يوم استحصال ڪشمير جي موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سکر ڊاڪٽر راجا ايم بي ڌاريجو جي اڳواڻي ھيٺ ميونسپل اسٽيڊيم سکر کان سکر پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ ميونسپل ڪمشنر سکر ميونسپل ڪارپوريشن، اسسٽنٽ ڪمشنرس، روينيو، صحت، تعليم ۽ ٻين ادارن جي آفيسرن ۽ ملازمن، واپاري برادري ۽ سماجي تنظيمن جي نمائندن، شھرين، وڪيلن ۽ استادن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، انھيءَ موقعي تي ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن ڪشميرين جي حق ۾ نعريبازي ڪئي، جڏھن تہ سندن ھٿن ۾ بئنرس ۽ پلي ڪارڊس پڻ کنيل ھئا جن تي ھندستان پاران ڪشميرين مٿان ظلم ۽ ڏاڍ خلاف نعرا تحرير ٿيل ھئا. انھيءَ موقعي تي يوم استحصال ڪشمير ريلي کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر سکر ڊاڪٽر ايم بي راجا ڌاريجو چيو تہ ھندستان ڪشميرين مٿان جبر ۽ تسلط برقرار رکيون پيو اچي، جيڪو گڏيل قومن جي قراردادن جي سنگين خلاف ورزي آھي، جڏهن تہ ڪشمير ۾ بنيادي انساني حقن جي خلاف ورزي ۽ اظھار راءِ جي آزادي تي پابندي برداشت نہ ڪرڻ جوڳو عمل آھي. ڊپٽي ڪمشنر سکر چيو تہ عالمي انساني حقن جون تنظيمون ۽ عالمي برادري ڪشميرين مٿان هندستان جي ڏاڍ جو نوٽس وٺن ۽ گڏيل قومن جي منظور ڪيل قراردادن جي روشني ۾ ڪشميرين کي پنھنجي مرضي موجب رھڻ جو حق ڏيڻ. ھن وڌيڪ چيو تہ ڪشمير پاڪستان جي شھ رڳ آهي ۽ ڪشميري اسان جا ڀائر آهن، تنھنڪري اسين پاڪستاني شھري طور هر مشڪل گهڙي ۾ ڪشميري ڀائرن سان گڏ ھونداسون. ڊاڪٽر ايم بي راجا ڌاريجو وڌيڪ چيو تہ ڀارت جي مودي سرڪار پاران نافذ ڪيل ڪاري قانون جي ڪالھ بہ مذمت ڪئي ھئي، اڄ بہ سخت مذمت ڪريون ٿا، ڊپٽي ڪمشنر چيو تہ مودي سرڪار 5 آگسٽ 2019ع ۾ پنهنجي پارليامينٽ کان آرٽيڪل370 ختم ڪرائي ڪشميرين کي اڪثريت مان اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي ھئي، جنھن کي ڪشميري ڀائر ڪامياب ٿيڻ نہ ڏيندا.










