سنڌ جي بجلي پنجاب کي ملي پئي،هت لوڊشيڊنگ جو عذاب آهي

سنڌ جي بجلي پنجاب کي ملي پئي،هت لوڊشيڊنگ جو عذاب آهي

حيدرآباد/شھدادپور (ن س) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ سنڌ جي بجلي پنجاب ۾ مفت ڏني پئي وڃي ۽ سنڌ ۾ 18-18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ جو عذاب ڪيو ويو آھي. حيسڪو، سيپڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ شھرين تي بجلي چوري جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ بند ڪن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ ضرورت کان وڌيڪ بجلي پيدا ٿئي ٿي، جيڪڏھن سنڌ مان پيدا ٿيندڙ بجلي سنڌ کي ئي ڏني وڃي تہ لوڊشيڊنگ نہ ٿيندي. پيپلز پارٽي اقتدار جي قيمت سنڌ جي وسيلن جي صورت ۾ ڏئي رھي آھي. سنڌ ۾ بجلي تمام گھڻي مھانگي آھي. مٿان ڪلاڪن جا ڪلاڪ لوڊشيڊنگ جو عذاب، جيڪي ٽرانسفارمر سڙي وڃن ٿا، اھي رشوت وٺڻ کانپوءِ بحال ڪيا وڃن ٿا. ڊٽيڪشن ھڻي لکين روپين جا ڪوڙا بل جاري ڪيا وڃن ٿا. ھاڻ وري ماڻھن کي خوف ۽ حراس ۾ رکڻ لاءِ چوري جا الزام ھڻي ڪيس داخل ڪري غريب ماڻھن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا، ڪارونجھر، ڪينجھر، ڪوھستان، ساحلي پٽي، تيل، گئس ۽ ٻين وسيلن تي ڌاڙا ھڻي سنڌ ۾ ھٿرادو غربت، بيروزگاري، بدحالي پيدا ڪئي وئي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي ديوار سان نہ لڳايو وڃي. وفاقي حڪومت سنڌ کي ڪرپشن جي ڪالوني نہ بنائي. سنڌ ۾ احساس محرومي وڌي رھي آھي. ملڪ کي بحرانن مان نہ ڪڍيو ويو تہ ان جا ناقابل تلافي نقصان ٿيندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو