اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ تحريڪ انصاف جي سوشل ميڊيا ڪارڪن عروبه ڪومل جي ضمانت منظور ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.جڊيشل مئجسٽريٽ شبير ڀٽي اروبا ڪومل جي 50 هزار رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي.ٻڌڻي دوران وڪيل سردار هنڱورجا چيو ته ڪيس ۾ ٻن ڄڻن جي ضمانت اڳ ئي ٿي چڪي آهي، اروبا ڪومل جو ايف آءِ آر ۾ نالو به ناهي.ايف آءِ اي اروبا ڪومل کي ٻه ڏينهن اڳ پيڪا ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو هو.ڊيوٽي مئجسٽريٽ مريد عباس گذريل ڏينهن اروبا ڪومل کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪليو هو.










