اغوا ڪار عورت نعمان ۽ صبا قمر جو ذڪر ڪيو، قمر

اغوا ڪار عورت نعمان ۽ صبا قمر جو ذڪر ڪيو، قمر

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني ڊراما انڊسٽري جي مشهور ليکڪ خليل الرحمان قمر انڪشاف ڪيو آهي ته جنهن عورت مون کي فون ڪري اغوا ڪيو، ان دوران هن اداڪار نعمان اعجاز ۽ اداڪارا صبا قمر جو به ذڪر ڪيو ته ڇو ڏني؟ پاڪستاني اسڪرين رائٽر ۽ ڊائريڪٽر خليل الرحمان قمر پنهنجي اغوا جي واقعي کانپوءِ پهريون ڀيرو ڊجيٽل پليٽ فارم يوٽيوب تي پوڊ ڪاسٽ ۾ انٽرويو ڏنو آهي. 42 منٽ 58 سيڪنڊن جي هن پوڊ ڪاسٽ ۾ خليل الرحمان قمر ان موضوع تي کليل دل سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، هن نه رڳو سمارٽ انڪشاف ڪيا پر عوام طرفان کيس ٽرول ٿيڻ جي شڪايت به ڪئي. خليل الرحمان قمر انٽرويو دوران چيو ته مان ايترو ته نمازي ناهيان پر رات جو عورت سان ملڻ ويس ته نماز پڙهي.هن وڌيڪ چيو ته عورت جي اصرار تي مان رات دير سان ساڻس ملڻ ويس، 12 وڳي کان عورت فون ڪرڻ شروع ڪئي ۽ 4 وڳي کان پوءِ مان ساڻس ملڻ ويس.خليل الرحمان قمر جو وڌيڪ چوڻ هو ته مان جڏهن عورت جي گهر پهتس ته هوءَ گهر ۾ اڪيلي هئي پر منهنجي پهچڻ کان ڪجهه دير بعد گهر جي گھنٽي وڄي ته عورت مون کي ٻڌايو ته هن پارسل آرڊر ڪيو آهي. خليل الرحمان قمر چيو ته عورت جيئن ئي دروازو کوليو ته ڪيترائي ماڻهو گهر ۾ داخل ٿيا ۽ مون تي تشدد ڪيو.ڊراما نگار خليل الرحمان قمر پوڊ ڪاسٽ دوران انڪشاف ڪيو ته مون سان ڳالهه ٻولهه دوران عورت نعمان اعجاز ۽ صبا قمر جو به ذڪر ڪيو ۽ پڇيو ته مون نعمان اعجاز کي گاريون ڇو ڏنيون.

پهنجو تبصرو موڪليو