اسلام آباد(بيورو رپورٽ)نواز شريف جي اڳوڻي پوليٽيڪل سيڪريٽري آصف ڪرماڻي پاڪستان مسلم ليگ (ن) ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ ڊاڪٽر آصف ڪرماڻي چيو ته هن پاڻ کي مسلم ليگ (ن) جي سياسي معاملن کان ڪافي عرصي کان الڳ ڪري ڇڏيو آهي.هن چيو ته مهانگائي ۽ بجلي جي بلن سبب ماڻهو مري رهيا آهن.آصف ڪرماڻي چيو ته نواز شريف! سڀ ٺيڪ ناهي. تفصيلي بيان جلد جاري ڪندس.










