قبوسعيدخان (خادم حسين جاگيراڻي) حيسڪو عملداران جي لاپرواهي سبب ڳوٺ غلام رسول مگسي جي رهواسي رحم علي مگسي جي ڀلوڙ ڳئون بجلي جي کليل تارن ۾ وچڙڻ سبب مري وئي. ڳوٺاڻن جيئند مگسي ، رحم علي مگسي، چوڌري غلام رسول ڪمبوه ، محمد مٺل کوسو ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته واپڊا عملدارن جي لاپرواهي سبب بجلي جون تارون مختلف هنڌن تي هيٺ ڪريل آهن جنهن سبب ڪيتريون ئي انساني جانيون ذايع ٿي چڪيون آهن اڄ وري بجلي جي تارن ۾ 80 هزار رپين جي ڳئون بجلي جي ڪرنٽ لڳڻ سبب مري وئي آهي. هنن مطالبو ڪندي چيو ته واپڊا عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري انساني جانيون ضايع ٿيڻ کان بچايون وڃن نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.










