لاڙڪاڻي ۽ قمبر جي عدالتن پاران قتل جي ٻن جوابدارن کي سزائون

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) ماڊل ڪورٽ لاڙڪاڻي طرفان قتل جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي جوابدار وقار چانڊيو کي عمر قيد ۽ ٻه لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، ياد رهي ته جوابدار وقار چانڊيو سال 2018 ۾ مقتول امير علي چانڊيو کي نئون ديرو ۾ قتل ڪيو هيو، ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت فيصلو ٻڌايو . ***پکو مان عبدالوحيد ميئو موجب ماڊل ڪورٽ قمبر قتل ڪيس ۾ جيل ڀوڳيندڙ پکو واسي جوابدار حسن مغيري کي موت جي سزا ۽ پنج لک ڏنڊ وڌو آهي. ماڊل ڪورٽ قمبر جي جج غلام قادر تنيو قتل ڪيس ۾ ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ تي ڏوھ ثابت ٿيڻ تي فتوي’ ٻڌائي. فتوي’ بعد پوليس جي سخت پھري ۾ جوابدار کي جيل منتقل ڪيو ويو. ملزم ڏھ مھينا اڳ پنھنجي مائٽ سومر مغيري  کي ڪھاڙين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو ھو.

پهنجو تبصرو موڪليو