اڪثرعلائقن ۾ برسات، بجلي غائب، وڄ سبب عورت ۽ مال فوت

اڪثرعلائقن ۾ برسات، بجلي غائب، وڄ سبب عورت ۽ مال فوت

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ بارش جو سلسلو جاري آهي، بجلي غائب آهي. اوٻاوڙو ۾ وڄ ڪرڻ سبب هڪ عورت سڙي فوت، ٽي ڄڻا سڙي زخمي ٿي پيا، ٻه ڳئون ۽ 2 ٻڪريون به سڙي مري ويون آهن. سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات سبب هڪ پاسي ڦٽي جي تيار فصل کي نقصان پهتو آهي ته ٻئي پاسي نيڪال جو نظام خراب هئڻ سبب ڪيترن ئي شهرن ۾ پاڻي بيهي رهيو آهي. اوٻاوڙو  مان ايم بچل گهنڃو  موجب ريتي لڳ ديھه ڄام پور ۾ لال بخش بگٽي جي گھر مٿان  وڄ ڪرڻ سبب 48 سالن جي مائي عزت بگٽي ٿڏي تي فوت ٿي وئي، سندس پٽ لعل بخش بگٽي سميت  گھر جون ٽي عورتون زخمي ٿي پيا. جن کي علاج لاءِ تعلقه اسپتال ڏھرڪي داخل ڪرايو ويو آهي.

بارش سبب اوٻاوڙو ۾ رودن تي پاڻي بيهي رهيو، تصوير غلام علي رند

جڏهن ته لعل بخش بگٽي جي گھر ۾ بيٺل ٻه ڳئون ۽ ٻڪريون به وڄ ڪرڻ سبب سڙي مري ويون،  وڄ سبب سڙي فوت ٿيل مائي عزت بگٽي جي ميت کي دفنائڻ لاءِ وارث پنھنجي اباڻي قبرستان ڪشمور کڻائي ويا.***نوشهري مان مشتاق مري موجب بارش سبب سڄو ڏينهن بجلي غائب رهي شهر جي مختلف پاڙن ۾ پاڻي جا دٻا بيٺل آهن. وقفي وقفي سان بارش هلندي رهي.

پڊعيدن ۾ بارش بعد گندگي، فوٽو سنڌيار

***پڊعيدن مان مجاهد شر موجب بارش سبب شهر جون ناليون اٿلي پيون آهن جڳهه جڳهه تي گهٽين ۽ روڊن تي پاڻي بيٺل آهي، ٽائون جو عملو غائب آهي. واپڊا وارن بجلي به بند ڪري ڇڏي آهي، شهري وڏي آزار ۾ آهن. *** عمر ڪوٽ مان اي بي آريسر موجب گذرل رات کان وقفي وقفي سان ٿيندڙ بارش سبب ٿڌ ۾ اضافو ٿي ويو آهي،

ڪجهه ڏينهن کان بارش سبب کنڀيون نڪري آيون. سنڏيار فوٽو

مقامي مالوند ماڻهو خوش آهن ته بارش سبب سڙندڙ گاهه سائو ٿي ويندو*** ڊرگهه بالا مان اسماعيل لانگاهه موجب بارش سبب ڪاڇي ۾ نون پوکيل فصلن کي فائدو ٿيندو باقي ننڍن شهرن ۾ گپ ۽ گند ٿي ويو آهي.*** گهوٽڪي مان عرفان سومرو موجب شهر جي اڪثر علائقن ۾ پاڻي بيٺل آهي، بجلي غائب آهي ۽ ٽائون ڪميٽي وارا لاپته آهن. شهر مان پاڻي ڪڍڻ بدران ٽائون ۽ پبلڪ هيلٿ جا ملازم هڪٻئي کي ذميوار قرار ڏئي الزام لڳائي رهيا آهن پر شهرين جي مدد ڪو به نٿو ڪري.

نارو ۾ روڊ تي پاڻي بيهي رهيو، عوام پريشان، فوٽو سنڌيار

*** نارو مان ساجد سهتو موجب علائقي ۾بارش سبب مالوند ماڻهو خوش آهن پر ننڍن ننڍن شهرن واري پاڻي بيهجي وڃڻ سبب پريشان آهن. ڀٽن تي ڦٽل گاهه مهڪي پيا آهن. ڦٽين جا چونڊا هلندڙ آهن جنهن سبب آبادگارن کي ڦٽي خراب ٿيڻ ۽ اگهه مارجڻ جو خدشو آهي.

نارو ۾ بارش کانپوءِ جو منظر، فوٽو سنڌيار

ڪيترين فيڪٽرين ۾ کليل آسمان هيٺان رکيل ڦٽي خراب ٿي وئي آهي. غوث پور، ڪنڌ ڪوٽ، شهيد بينظير آباد، ٺٽو ۽ ٻين علائقن مان به بارش جا اطلاع آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو