’ڪوآئن دي ايجوڪيشن‘ 3 هزار ٻار ن کي اسڪالرشپ جاري

’ڪوآئن دي ايجوڪيشن‘ 3 هزار ٻار ن کي اسڪالرشپ جاري

لاڙڪاڻو( ن س) ڪوآئن دي ايجوڪيشن جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ٻڌايو آهي ته سندن اسڪالرشپ پروگرام مان ٻن ڇوڪرين ڊگري مڪمل ڪري پنهنجي پروفيشنل لائيف شروع ڪئي آهي. آغا شڪيل موجب هلندڙ اسڪالرشپ پروگرام ۾ 3 هزار ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون رجسٽرڊ آهن جن جي تعليم جي فنڊنگ ڪئي پئي وڃي. هن سرندي وارن سنڌ واسين کي هارين ۽ مزدورن جي ٻارن جي اسڪالرشپ جي پروگرام کي وسيع ڪرڻ لاءِ مالي سهائتا جي اپيل ڪئي آهي ته جيئن مهانگائي واري دور ۾ پيسا نه هجڻ سبب تعليم کان محروم رهندڙ ٻارن کي پاڻڀرو ڪري سگهجي. آغا شڪيل ڪوآئن دي ايجوڪيشن تحريڪ جي فيملي جا ٿورا مڃيندي وڌيڪ دوستن کي متحرڪ ڪرڻ جي تجويز به ڏني آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو