دعا آهي فيصل واوڊا ايم ڪيو ايم جو حصو بڻجي: رئوف صديقي

دعا آهي فيصل واوڊا ايم ڪيو ايم جو حصو بڻجي: رئوف صديقي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ رئوف صديقي چيو آهي ته فيصل واوڊا لاءِ دعاگو آهيان ته ايم ڪيو ايم جو حصو بڻجي.ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي رئوف صديقي چيو ته اسان 8 اميدوار بيهاريا آهن، پارٽي انهن سڀني کي قبول ڪندي، فيصل واوڊا بابت فيصلو پارٽي ڪندي.ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيو ته ماضي ۾ اسان فيصل واوڊا کي شامل ٿيڻ جو چيو هو، وڏين پارٽين جا ماڻهو جيڪي غريبن جي ڳالهه ڪن ٿا اسان وٽ اچن، فيصل واوڊا کي دعا آهي ته ايم ڪيو ايم جو حصو بڻجي.

پهنجو تبصرو موڪليو