هن حڪومت کي مودي ۽ ايان علي کانسواءِ ڪو به نه پيو مڃي

هن حڪومت کي مودي ۽ ايان علي کانسواءِ ڪو به نه پيو مڃي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) استحڪام پاڪستان پارٽي جي سربراهه ۽ اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته هن حڪومت تي مودي سرڪار ۽ ايان علي کانسواءِ ڪنهن کي يقين ناهي.عدالتي ڪمري ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي فواد چوڌري چيو ته موجوده حڪومت مئي تائين هلي نه سگهندي، يورپي يونين جي ڪنهن به ملڪ هن حڪومت کي مبارڪباد ناهي ڏني.هن چيو ته آصف زرداري کي خيبرپختونخواهه مان هڪ ووٽ به ناهي مليو، مودي سرڪار ۽ ايان علي کانسواءِ هن حڪومت کي ڪير به نٿو مڃي. فواد چوڌري چيو ته جيڪڏهن مولانا فضل الرحمان لانگ مارچ جو فيصلو ڪيو ته حڪومت ختم ٿي ويندي ۽ خيبرپختونخواهه حڪومت کي هٽائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو