6 جون کان پلاسٽڪ ٿيلهين تي پابندي لڳائي ويندي: مريم

6 جون کان پلاسٽڪ ٿيلهين تي پابندي لڳائي ويندي: مريم

لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي سينيئر وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وڏي وزير جي حڪم تي 6 جون کان پلاسٽڪ جي ٿيلهين تي پابندي لڳائي ويندي.مريم اورنگزيب جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ وڏي وزير جي ويزن موجب ايئر ڪوالٽي انڊيڪس جي بهتري لاءِ ڀٽن جي صنعتي نظام کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو.مريم اورنگزيب چيو ته وڏي وزير مريم نواز موجب معيار زندگي هر فرد جو حق آهي، فضائي آلودگي پکيڙڻ وارن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو ويندو.هن چيو ته انساني جانين سان کيڏڻ وارن سان ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو.ان کان علاوه شاگردن کي تعليمي ادارن ۾ انوائرمينٽ ڪلائيميٽ چينج ڪائونسل ٺاهڻ جي به هدايت ڪئي وئي ته جيئن کين ماحوليات جو سفير بڻايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو