اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ 2024 جون عام چونڊون مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ايندڙ مرحلو حڪومت سازي جو آهي جنهن ۾ سادي اڪثريت حاصل ڪرڻ لاءِ مسلم ليگ(ن) پيپلز پارٽي سميت ٻيون اتحادي پارٽيون اميدون لڳائي ويٺل آهن.ذريعن موجب سمورن اميدوارن جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ کان پوءِ ملڪ جي نئين وزيراعظم جي چونڊ 4 مارچ تي ٿيڻ جو امڪان آهي. وزيراعظم چونڊجڻ کان پوءِ صدارتي اليڪشن 8 مارچ تي ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ پهرين مارچ جڏهن ته قومي اسيمبلي جو اجلاس 29 فيبروري تي گهرائڻ جو امڪان آهي.










