ڀارت ڪشمير کي قبرستان بڻائي نه سمجهي ته امن قائم ٿي ويو

ڀارت ڪشمير کي قبرستان بڻائي نه سمجهي ته امن قائم ٿي ويو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)نگران اطلاعات واري وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ڪشميري پنهنجي خودمختياري جي حق لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن، اسان انهن سان گڏ آهيون، ڀارت اهو نه سمجهي ته هن ڪشمير کي قبرستان بڻائي ڪشمير ۾ امن قائم ڪيو آهي.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضيٰ سولنگي چيو ته 1947ع ۾ به ڪشميرين خودمختياري جو مطالبو ڪيو هو.مرتضيٰ سولنگي جو چوڻ آهي ته ڀارت ان وقت به جبري الحاق ڪيو، ڪشمير ان خلاف آواز اٿاريو.سڌ سماءَ واري وزير چيو ته هن 1987ع وارين چونڊن خلاف به آواز اٿاريو، هي چوٿون نسل آهي جيڪو ظلم جو شڪار آهي.ياد رهي ته ڪشميرين سان يڪجهتي واري ڏهاڙي جي موقعي تي پرڏيهي آفيس طرفان ريليون ڪڍيون ويون، جنهن جو انتظام پرڏيهي آفيس پاران ڪيو ويو.ريلي جي اڳواڻي پرڏيهي سيڪريٽري سائرس سجاد قاضي ۽ ترجمان ممتاز زهرا بلوچ ڪري رهيا هئا، جنهن ۾ وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي، جمال شاهه، انيق احمد ۽ فواد حسن فواد شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو