اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ملڪ جي ڪروڙين پرچون فروشن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ لاءِ واپاري دوست موبائل ايپ جي منظوري ڏني وئي آهي، پرچون فروشن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ لاءِ منظور ڪيل مرچنٽ فرينڊلي ايپ خود بخود مهيني جي ٽيڪس جي ادائيگين جو حساب ڪندي، ايپ رڪارڊ رکندي ۽ دڪاندار کي ادائيگي جي سهولت فراهم ڪندي.ايپ دڪان جي سالياني ڪرائي تي 10 سيڪڙو تائين کڻندي جڏهن ته اسڪيم کي ڪنهن به وقت اعلان ڪيو ويندو.ٻئي طرف آن لائين پرچون ڏيندڙن کي به ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.










