ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سليڪٽيڊ وزيراعظم کي گهر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ فيصلائتي سياست جو وقت اچي ويو آهي، سليڪٽرز کي پنهنجي لاڏلي کي ڇڏڻو پوندو، اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته سڄي ملڪ جو عوام هڪ پاسي هجي ۽ سليڪٽرز ٻئي پاسي هجن. ڪراچي ۾ ڪار ساز سانحي جي 12 هين ورسي جي موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي بلاول چيو ته پوري ملڪ جا دورا ڪري عمران خان کي وائکو ڪندس، عمران خان کي گهر وڃڻو پوندو. حڪومت ختم ٿيڻ بعد تحريڪ انصاف وارِيءَ جي گهر جيان وِکري ويندي. هن چيو ته عمران خان ٻڌي ڇڏي، اهڙن حربن سان نه پهريان ڊنا هئاسين، نه هاڻي ڊڄنداسين. بلاول ڀٽو جيل ۾ آصف زرداري کي سهولتون ڏيڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته آصف زرداري بنا سزا 5 مهينن کان جيل ۾ آهي. بلاول چيو ته هيئنر واپاري، هاري ۽ مولوي سڀ رستن تي اچي ويا آهن، ڇا اهو نئون پاڪستان آهي. پ پ چيئرمين چيو ته عمران خان جو هر واعدو ڪوڙو نڪتو، اڄ پاڪستان مسئلستان بڻجي ويو آهي، پاڪستان ناڪام رياست ڏانهن وڌي رهيو آهي. هن چيو ته عمران خان ڪراچي کي دوکو ڏنو ۽ شهر کي لاوارث ڇڏي ڏنو، ڪراچي جا مسئلا آئون پاڻ حل ڪندس، وفاق کان ڪراچي جو حصو کسي وٺندس. عمران خان سنڌ کي پنهنجو حصو نه ڏئي رهيو آهي. بلاول ڀٽو چيو ته عمران خان ۾ ايتري اهليت ئي ناهي جو هو 20 ڪروڙ ماڻهن جو ملڪ هلائي سگهي، ماڻهو نئون پاڪستان ڇڏي ڀڄي رهيا آهن. پ پ چيئرمين چيو ته ڪير ٻڌائيندو ته ملڪ کي آءِ ايم ايف جي سامهون گروِي رکيو ويو آهي، وقت اچي ويو آهي ته سليڪٽيڊ وزيراعظم کي گهر موڪلڻ لاءِ فيصلائتي سياست ڪئي وڃي. بلاول چيو ته موجوده حڪومت کي وڌيڪ وقت ڏيڻ ملڪ جي سلامتي سان کيڏڻ برابر آهي. بلاول چيو ته سليڪٽرز کي پنهنجي لاڏلي کي ڇڏڻو پوندو، اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته سڄي ملڪ جو عوام هڪ پاسي هجي ۽ سليڪٽرز ٻئي پاسي هجن.










