شيخ رشيد 9 مئي جي ڪيس ۾ گرفتار،ضمانت رد

شيخ رشيد 9 مئي جي ڪيس ۾ گرفتار،ضمانت رد

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد کي هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتار ڪيو ويو آهي،ذريعن موجب شيخ رشيد کي 9 مئي ڪيس ۾ ضمانت تي گرفتار ڪيو ويو هو،ذريعن جو چوڻ آهي ته شيخ رشيد کي عدالت مان گرفتار ڪيو ويو، مٿس حساس اداري جي آفيس تي حملي جو ڪيس داخل آهي. عوامي مسلم ليگ جي سربراهه کي ان ڪيس ۾ پهريان گرفتار ڪيو ويو هو،ذريعن موجب شيخ رشيد کي ضروري سامان فراهم ڪيو ويو آهي، سندس لاءِ پوليس گاڏي ۾ 2 ٿيلها ۽ سگار جا باڪس رکيا ويا آهن.ان بعد اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد جي وڪيل عبدالرزاق خان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شيخ رشيد کي نيو ٽائون ٿاڻي ۾ داخل ڪيس ۾ ضمانت خارج ڪئي وئي آهي. عبدالرزاق خان چيو ته شيخ رشيد کي پوليس اسٽيشن تي آندو ويو آهي، کيس سڀاڻي دهشتگردي جي انت واري عدالت (اي ٽي سي) ۾ پيش ڪيو ويندو، عدالت سندس جوڊيشل يا جسماني رمانڊ بابت فيصلو ڪندي.عبدالرزاق خان موجب جج تمام سٺا آهن ۽ لڳ ڀڳ سمورن ڪيسن ۾ ضمانتن جي تصديق ڪئي آهي، حساس اداري جو به اهو ئي حال هو.شيخ رشيد حمزه ڪيمپ ڪيس ۾ سڌو سنئون ملوث ناهي. جج کلندي شيخ رشيد کي ڪجهه ڏينهن جيل ۾ رهڻ جو چيو.

پهنجو تبصرو موڪليو