ڪراچي (دريا خان شر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ تيل ۽ گئس جي ڪمپنيز ۾ مقامي ماڻهن کي نوڪريون نه ملڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي دوران سنڌ سرڪار گئس ڪمپنين جي آسپاس وارن ڳوٺن کي گئس فراهم ڪرڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي. وفاقي سرڪار ۽ اوگرا عدالت کي ٻڌايو ته سنڌ ۾ گيس ڪمپنيون 625 ڳوٺن کي گئس مهيا ڪرڻ جون پابند آهن. ٻڌڻي دوران چيف سيڪريٽري سوڌو 16 ضلعن جا ڊپٽي ڪمشنر به عدالت آڏو پيش ٿيا. ٻڌڻيءَ دوران اوگرا چيئرپرسن، ايم ڊي سئي گئس ۽ اي جي سنڌ به پيش ٿيا. سنڌ سرڪار گئس فيلڊ جي پنج ڪلوميٽرز فاصلي تائين آيل ڳوٺن کي گئس فراهمي جي مخالفت ڪري ڇڏي، اي جي سنڌ عدالت ۾ چيو ته گئس فيلڊ جي پنج ڪلوميٽرز جي دائري ۾ آيل ڳوٺن کي گئس فراهم ڪرڻ جو ڪوبه قانون موجود نه آهي. وفاقي سرڪار جي وڪيل عدالت کي آگاهه ڪيو ته سُپريم ڪورٽ اُن حوالي سان قانون موجب عمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي چڪي آهي، اوگرا چيئرمين عدالت کي آگاهه ڪيو ته ڪمپني کي لاڳاپيل علائقي جي 526 ڳوٺن کي گئس فراهم ڪرڻي آهي. هيل تائين 126 ڳوٺن کي گئس فراهم ٿي آهي. عدالت سنڌ سرڪار کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. ياد رهي ته پيٽروليم پاليسي ۾ اها ڳالهه موجود آهي ته جنهن به علائقي مان گيس نڪرندي اها 5 ڪلوميٽرن جي دائري ۾ ايندڙ ڳوٺن کي گيس فراهم ڪرڻ جي پابند هوندي.
سنڌيار سکر 21 سيپٽمبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 21 سيپٽمبر 2024ع
پي ٽي آءِ کي مينار پاڪستان بدران ٻئي هنڌ تي جلسي جي اجازت
پارليمنٽ عوام بدران طاقتور جي خدمت ڪري پئي: فضل الرحمان
ججز ڪميٽي مان جسٽس منيب آئوٽ،جسٽس امين اِن،هم خيال جو تاثر وڌڻ لڳو
ڪراچي مان بين الصوبائي منشيات ڊيلر پيءُ ۽ ڌيءُ گرفتار
تمام جلد واٽس ايپ تبديل ٿي ويندو
عدالتي فيصلي تي مخصوص سيٽون الاٽ ڪيون وڃن، ڪي پي اسپيڪر
سنڌ جا 19 هزار 808 اسڪول برساتن سبب متاثر ، 7,503 مڪمل تباهه
شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي 28 هين ورسي ملهائي پئي وڃي
وزيرستان ۾ جھڙپ، 12 خوارج مارجي ويا، 6 جوان شهيد
پناهگير ڪيمپ تي اسرائيلي حملي ۾ ٻارن سميت 8 ڄڻا شهيد
صدر جي پريڪٽس اينڊ پروسيجر آرڊيننس تي صحيح،فوري لاڳو
آرڊيننس تحت ججز ڪميٽي جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي وئي: تارڙ
پنجاب ۾ اليڪشن ٽربيونل ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر
پي ٽي آءِ جلسو، ڊي سي جي لاهور پوليس کان رپورٽ طلب
ايف بي آر جي انفورسمينٽ سسٽم کي بهتر بڻائڻ ضروري آهي
شهرين جي آزادي تي ڪو سمجهوتو نه ٿو ڪري سگهجي: عدالت
اسٽاڪ مارڪيٽ 82 هزار جي تاريخي حد پار ڪري ورتي
آءِ سي سي وفد جي نقوي سان ملاقات،انتظامن تي اعتماد