سنڌ پاران گيس فيلڊ جي آس پاس جي ڳوٺن کي گيس ڏيڻ جي مخالفت

ڪراچي (دريا خان شر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ تيل ۽ گئس جي ڪمپنيز ۾ مقامي ماڻهن کي نوڪريون نه ملڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي دوران سنڌ سرڪار گئس ڪمپنين جي آسپاس وارن ڳوٺن کي گئس فراهم ڪرڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي. وفاقي سرڪار ۽ اوگرا عدالت کي ٻڌايو ته سنڌ ۾ گيس ڪمپنيون 625 ڳوٺن کي گئس مهيا ڪرڻ جون پابند آهن. ٻڌڻي دوران چيف سيڪريٽري سوڌو 16 ضلعن جا ڊپٽي ڪمشنر به عدالت آڏو پيش ٿيا. ٻڌڻيءَ دوران اوگرا چيئرپرسن، ايم ڊي سئي گئس ۽ اي جي سنڌ به پيش ٿيا. سنڌ سرڪار گئس فيلڊ جي پنج ڪلوميٽرز فاصلي تائين آيل ڳوٺن کي گئس فراهمي جي مخالفت ڪري ڇڏي، اي جي سنڌ عدالت ۾ چيو ته گئس فيلڊ جي پنج ڪلوميٽرز جي دائري ۾ آيل ڳوٺن کي گئس فراهم ڪرڻ جو ڪوبه قانون موجود نه آهي. وفاقي سرڪار جي وڪيل عدالت کي آگاهه ڪيو ته سُپريم ڪورٽ اُن حوالي سان قانون موجب عمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي چڪي آهي، اوگرا چيئرمين عدالت کي آگاهه ڪيو ته ڪمپني کي لاڳاپيل علائقي جي 526 ڳوٺن کي گئس فراهم ڪرڻي آهي. هيل تائين 126 ڳوٺن کي گئس فراهم ٿي آهي. عدالت سنڌ سرڪار کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. ياد رهي ته پيٽروليم پاليسي ۾ اها ڳالهه موجود آهي ته جنهن به علائقي مان گيس نڪرندي اها 5 ڪلوميٽرن جي دائري ۾ ايندڙ ڳوٺن کي گيس فراهم ڪرڻ جي پابند هوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو