ميرا جي ماءُ ڊگهي عرصي کان بيمار، ڀيڻ ڪينسر ۾ مبتلا

ميرا جي ماءُ ڊگهي عرصي کان بيمار، ڀيڻ ڪينسر ۾ مبتلا

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستاني اداڪاره ميرا جو چوڻ آهي ته في الحال هو پنهنجي خاندان تي ڌيان ڏيڻ لاءِ ڪم نه ڪري رهي آهي.ميرا اسپتال جي بستري تي پنهنجي ماءُ جي هڪ وڊيو شيئر ڪرڻ لاءِ انسٽاگرام تي ورتي ، جنهن ۾ اداڪاره مداحن کي پنهنجي تازي جدوجهد بابت ٻڌايو. هن لکيو”گذريل سال کان مون پنهنجي ڪيريئر کي وقفو ڪري ڇڏيو آهي پنهنجي خاندان تي ڌيان ڏيڻ لاءِ ڪيو منهنجي ماءُ سالن کان بيمار آهي ۽ تازو ئي سرجري ٿي آهي،“ اڳتي هلي ميرا لکيو ته ”منهنجي ڀيڻ تازو ئي ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا ٿي آهي، مان هن وقت پنهنجي زندگيءَ ۾ تمام ڏکي وقت مان گذري رهي آهيان.ان سان گڏ ميرا دعا جي انداز ۾ چيو ته الله سائين مونکي اهڙو ساٿي عطا ڪري جنهن سان مان پنهنجا ڏک، درد ۽ خوشيون شيئر ڪري سگهان.

پهنجو تبصرو موڪليو