ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ اداڪارا ڪرينا ڪپور چيو آهي ته شادي ۾ عمر ۽ مذهب جو فرق ناهي، رشتي ۾ عزت هجڻ گهرجي.ڀارتي ميڊيا موجب هڪ انٽرويو دوران ڪرينا ڪپور چيو ته عمر جي ڪهڙي اهميت آهي؟ سيف پهريان کان وڌيڪ خوبصورت نظر اچي رهيو آهي، مان خوش آهيان ته مان هن کان 10 سال ننڍو آهيان.بالي ووڊ اداڪارا چيو ته ڪو نه چوندو ته سيف 53 سالن جو ٿي ويو آهي، حقيقت اها آهي ته اسان هڪ ٻئي سان تمام گهڻو خوش آهيون.ڪرينا ڪپور وڌيڪ چيو ته ماڻهو منهنجي ۽ سيف جي مختلف مذهب ۽ عمر جي فرق تي تمام گهڻو ڌيان ڏين ٿا، اسان جي وچ ۾ سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته اسان هڪ ٻئي کي پسند ڪريون ٿا ۽ هڪ ٻئي جي صحبت مان لطف اندوز ٿيون.










