ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي گهٽ ڄاڻائي وئي: عوامي تحريڪ

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي گهٽ ڄاڻائي وئي: عوامي تحريڪ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) عوامي تحريڪ جي وڇڙي ويل سينيئر اڳواڻ ۽ جاکوڙي ڪردار گلزار کوهاري جي ياد ۾ عوامي تحريڪ ضلعي ملير طرفان تعذيتي ميڙاڪو منعقد ڪيو ويو. تعذيتي ميڙاڪي جي پروگرام کي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي نائب صدر حورالنساء پليجو، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ مريم گوپانگ، عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ علي محمد ڪلمتي، اقبال جروار، رستم ميراڻي، ستار گوپانگ، امتياز ميراڻي، نوروز ڪلمتي، نويد عباس ڪلھوڙي، مختيار کونھاري، غلام علي کونھاري ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو. ان موقعي تي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار خطاب ڪندي چيو تہ ساٿي گلزار کونهاري سنڌ جي قومي حقن جي جدوجھد ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. هن ساھ جي آخري گهڙيءَ تائين توڙ نڀايو. کيس سرخ سلام. هن چيو تہ ڊجيٽل آدمشماري وسيلي سنڌ مٿان ڌارين جي مڪمل قبضي کي هٿي ڏني ويندي. ڪراچي ۾ سنڌي اڳ ۾ ئي اقليت ۾ تبديل ٿي چڪا آهن. ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌين جي آبادي گهٽ ڄاڻائي وئي آهي. سال 2022ع جي ٻوڏ ۾ متاثر ٿيل علائقن سميت ڪراچي جي سنڌي آبادي وارن علائقن ۾ آدمشماري عملو پهتو ئي نہ هيو. هي آدمشماري مڪمل طور بوگس، غير قانوني ۽ غير آئيني آهي. سي سي آئي مان ڊجيٽل آدمشماري قبول ڪري ملڪي حڪمرانن آئين کي پيرن هيٺيان لتاڙيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير سي سي آئي ۾ آدمشماري تي ڪو بہ اعتراض نه اٿاري سنگين غداري ڪئي آهي. عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر حورالنساء پليجو چيو تہ سنڌ ڪنھن بہ صورت ۾ بوگس آدمشماري کي قبول نہ ڪندي، آدمشماري ۾ ڪروڙين سنڌي ناھن ڳڻيا ويا، ٻوڏ سبب سنڌ جي مختلف علائقن جا ماڻھو گھرن کان ٻاھر دربدر ھئا جنھن ڪري اھي ڳڻپ ۾ شامل ئي ناھن ڪيا ويا. سنڌ ۾ سنڌين کي ڳڻڻ بدران پرڏيھين کي سنڌ جو شھري شمار ڪري سنڌ جي ڊيموگرافي تبديل ڪرڻ جي خطراڪ سازش ڪئي وئي ھي. عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار چيو تہ پيپلزپارٽي سنڌ جي وسيلن کي وڪڻي ڇڏيو آهي. ڪراچي جي قديم سنڌي وسندين کي ايجوڪيشن سٽي، بحريا ٽائون ،ڊي ايڇ اي، سميت مختلف رهائشي ۽ هٿ ٺوڪين اسڪيمن وسيلي ڊاهيو پيو وڃي. سنڌين کي زوري ڪراچي مان بي دخل ڪيو پيو وڃي. پيپلزپارٽي جي حڪومت ان سموري ڪڌي عمل ۾ ٻاهرين ڦورن جي ساٿاري بڻيل آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو