اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ن ليگ اڳواڻ طلال چوڌري جي 5 سالن لاءِ نااهلي جو مدو اڄ ختم ٿي ويو.ان حوالي سان مسلم ليگ ن هڪ بيان جاري ڪيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته طلال چوڌري کي سپريم ڪورٽ 2 آگسٽ 2018ع تي توهين عدالت جي الزام ۾ 5 سالن جي نااهلي جي سزا ٻڌائي هئي.ن ليگ جي پڌرائي موجب طلال چوڌري اجلاس ۾ آمريت جي قانوني حمايت ڪندڙ ججن تي تنقيد ڪئي هئي.اڳوڻي چيف جسٽس آف پاڪستان ثاقب نثار فيصل آباد ريلي ۾ طلال چوڌري جي تقرير جو نوٽيس ورتو.










