لاڙڪاڻو(ن س) لاڙڪاڻي شهر جي نئون ديرو روڊ تي قائم ميگا رهائشي پراجيڪٽ دانيال ريزيڊنسي لاڙڪاڻو جي دانيال ريزيڊنسي الاٽيز ڪميٽي طرفان ڪروڙين روپين جي فيس ڀرڻ ۽ قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ باوجود پراجيڪٽ کي بجلي جو ڪنيڪشن نه ڏيڻ تي سيپڪو سکر ۽ لاڙڪاڻو جي رشوت خور، ڪرپٽ ۽ راشي عملدارن CEO سعيد احمد ڏاوچ، PD لاڙڪاڻو پرويز احمد ڦلپوٽو ۽ CTO منظور سومرو خلاف دانيال ريزيڊنسي لاڙڪاڻو کان الاٽيز جي هڪ وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف علائقن گجڻ پور چوڪ، شهيد محترمه بينظير ڀٽو اسٽيڊيم، قائم شاهه بخاري روڊ سميت مختلف هنڌن جو گشت ڪندي جناح چوڪ پريس ڪلب لاڙڪاڻو وٽ پهتي جتي سخت نعريبازي ڪئي وئي، ريلي ۾ شامل ماڻهن جي وڏي تعداد جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ موجود هئا جن تي سيپڪو جي ڪرپٽ ۽ راشي عملدارن خلاف نعرا لکيل هئا، جڏهن ته ريلي جي اڳواڻي محبوب علي عباسي، پنهل لاڙڪ، شاهد عباسي، حنيف سولنگي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته تقريبن 17 مهينا پهريان دانيال ريزيڊنسي انتظاميا پاران 3 ڪروڙ 33 لک 66 هزار روپين کان وڌيڪ رقم جو ڊمانڊ نوٽيس جمع ڪرائڻ باوجود هن مهل تائين 11 هزار وولٽيج مان بجليءَ جو ڪنيڪشن نه پيو ڏنو وڃي، جنهن سبب الاٽيز توڙي انتظاميا کي تمام گهڻي ڏکيائن سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، پروجيڪٽ انتظاميا طرفان رشوت نه ڏيڻ سبب ڪيترائي ڀيرا سيپڪو آفيس جا چڪر ڪاٽيا ويا پر مسئلو حل نه ٿي سگهيو جنهن بعد مجبورن اسان هي احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي آهي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سيپڪو عملدارن کي ڪنهن به صورت ۾ ڳري رشوت نه ڏني ويندي، جائز مسئلي جي حل لاءِ آخري حد تائين وينداسين، عدالت ۾ پٽيشن پڻ داخل ڪرائي وئي آهي، اسان کي عدالت مان انصاف جي اميد آهي، اسان جلد از جلد انصاف لاءِ پ پ قيادت سان به ملاقاتون ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرائينداسين، جيڪڏهن مسئلو حل نه ٿيو ته ڀرپور احتجاجي تحريڪ هلائڻ سميت سيپڪو آفيس سکر ۽ سيپڪو آفيس لاڙڪاڻو آڏو ڌرڻا هنيا ويندا، نيب، اينٽي ڪرپشن، ايف آءِ اي سميت ٻين لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ آفيسرن وٽ پڻ درخواستون جمع ڪرايون وينديون. مٿين اڳواڻن توڙي الاٽيز اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، پي پي پي چيئرمين، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، ايم پي اي فريال ٽالپر، وڏي وزير سيد مراد علي شاھه، وفاقي وزير توانائي خرم دستگير، چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ احمد علي شيخ، وفاقي محتسب اعليٰ، منسٽر آف اسٽيٽ انرجي هاشم نوتزئي، پ پ قيادت لاڙڪاڻو جميل احمد سومرو، سهيل انور سيال ۽ ٻين اڳواڻن توڙي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ٿا ڪريون ته نوٽيس وٺي ڪروڙين روپيه وٺڻ باوجود به بجليءَ جي قانوني ڪنيڪشن لاءِ وڌيڪ پيسن جي طلب ڪندڙ سيپڪو عملدارن کي هٽائي سخت سزا ڏئي جائز مسئلو حل ڪرايو وڃي ٻئي صورت ۾ سيپڪو سکر توڙي لاڙڪاڻو آفيسن جو گهيراءُ ڪرڻ سميت ڪراچي پريس ڪلب ۽ سنڌ جي ٻين مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرن سميت اڻ ڄاڻايل مدي تائين علامتي بک هڙتال ڪئي ويندي، جڏهن ته ڪنهن به اڻ وڻندڙ صورتحال جا ذميوار سيپڪو جا ڄاڻايل ڪرپٽ، راشي عملدار هوندا.










