حمزه جا گردا فيل ٿي ويا هئا، ڀيڻ جو انڪشاف

حمزه جا گردا فيل ٿي ويا هئا، ڀيڻ جو انڪشاف

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستاني اداڪار حمزه علي عباسي جي ڀيڻ ڊاڪٽر فضيلا عباسي انڪشاف ڪيو آهي ته حمزه جي ٻنهي گردن ننڍي عمر ۾ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو.تازو ئي هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي فضيلا عباسي پنهنجي ڀاءُ بابت ڳالهائيندي چيو ته حمزه هن کان 9 سال ننڍو آهي.پوڊ ڪاسٽ تي ڳالهائيندي اداڪارا جي ڀيڻ چيو ته جڏهن هو ميٽرڪ ڪلاس ۾ هئي ته حمزه کي هڪ بيماري لڳي جنهن کانپوءِ کيس مختلف انجيڪشن ۽ دوائون استعمال ڪرڻيون پيون، جنهن سبب هو ڪافي ٿلهو ٿي ويو.هن چيو ته حمزه کي ننڍپڻ ۾ گلووميرولونفرائٽس نالي مرض ۾ مبتلا ٿي ويو، جنهن سبب سندس ٻئي گردا ناڪاره ٿي ويا.فضيلا عباسي چيو ته ٿلهي هجڻ جي باوجود حمزه ۾ فني صلاحيتون تمام گهڻيون هيون، جنهن سبب هن آمريڪا ۾ پڙهائي دوران کيس ريمپ واڪ لاءِ آڊيشن ڏنو، جنهن ۾ هن جي چونڊ ڪئي وئي.هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته حمزا علي عباسي حقيقي زندگي ۾ سندس ڪردار ”نوري ناٿ“ جهڙو ناهي پر ان جي برعڪس هو تمام عاجز انسان آهي.ڳالهه ٻولهه دوران ڊاڪٽر فضيلا ٻڌايو ته اسان جي ماءُ چوندي آهي ته جڏهن حمزه جو جنم ٿيو ته توهان اسپتال جي سمورن ڪمرن ۾ هن کي گود ۾ کڻي گهمندا رهيا ۽ خوشيءَ سان روئي رهيا هئا، سڀني کي ٻڌايو ته منهنجو ڀاءُ ڄائو آهي.فضيلا عباسي چيو ته حمزه منهنجي ماءُ وانگر عزت ڪندو آهي ۽ هو تمام پيارو ماڻهو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو