سپريم ڪورٽ پاران صدر ۽ وزيراعظم کي نوٽيس جاري

اسلام آباد(اياز مهر) سپريم ڪورٽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف ريفرنس واري ڪيس ۾ صدر، وزيراعظم، وزير قانون، اٽارني جنرل ۽ سپريم جوڊيشل ڪائونسل کان جواب طلب ڪري ورتو آهي. جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾  قائم 9 رڪني بينچ اڱاري تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پاران سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ داخل صدارتي ريفرنس کي چيلنج ڪندي چيو هو ته سندس خلاف داخل ريفرنس بدنيتي تي مشتمل آهي. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته هي انتهائي اهم ڪيس آهي ۽ اسين ان کي لٽڪائڻ نٿا چاهيون. هن وڌيڪ چيو ته عدالت آئين جي شق 211 هيٺ جائزو وٺندي ته ڇا سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي ڪاروائي کي چيلنج ڪري سگهجي ٿو  يا نه. ٻيو ته اهو به ڏسبو ته 248 هيٺ صدر ۽ وزيراعظم خلاف ڪيس ڪري سگهجي ٿو يا نه. عدالت وڌيڪ سماعت 8 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪندي جوابدارن کان جواب طلب ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو