اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين مرزا محمد آفريدي ملڪ ۾ 9 نوان صوبا ٺاهڻ جي تجويز ڏني. خانگي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي ڊپٽي چيئرمين سينيٽ مرزا محمد آفريدي چيو ته ڪراچي کي مڪمل الڳ صوبو بڻايو پيو وڃي، بلوچستان ۽ پنجاب ۾ به 3 الڳ صوبا بڻجڻ گهرجن. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين چيو ته اڳوڻي وفاق جي انتظام هيٺ فاٽا جي علائقي کي به الڳ صوبو بڻايو وڃي ۽ هزاره صوبو به بڻايو وڃي.مرزا محمد آفريدي چيو ته پاڪستان ۾ جيترا صوبا آهن اوترو بهتر ٿيندو، 18هين ترميم کانپوءِ به صوبن کي پنهنجو حصو ملندو، جيڪڏهن نوان صوبا ٺهيا ته اين ايف سي ايوارڊ تحت توهان کي حصو ملندو. . ڊپٽي چيئرمين سينيٽ چيو ته حڪومت فاٽا سان ڪيل واعدا پورا نه ڪيا آهن، اڄ به فاٽا جي عوام کي ڪيترائي خدشا آهن ۽ هو ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته اسان فنڊن جو معاملو ناڻي واري وزير اسحاق ڊار وٽ اٿاريو آهي، ملڪ ۾ نوان صوبا ٺهڻ سان مسئلا حل ٿي ويندا.










