لاهور (ويب ڊيسڪ)مني لانڊرنگ ڪيس ۾ وزيراعظم شهباز شريف جو پٽ سليمان شهباز عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ پيشي مڪمل ڪئي.لاهور جي خاص مرڪزي عدالت ۾ وفاقي جاچ اداري ايف آءِ اي جي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ سليمان شهباز ۽ ٻين خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي بريت واري درخواست تي وڪيلن کي دليلن لاءِ طلب ڪري ورتو.عدالت 3 جوابدارن جا وڪيل ۽ پراسيڪيوٽر پيش نه ٿيڻ تي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 24 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.ٻڌڻي دوران عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته ان ڪيس جو رڪارڊ ڪٿي آهي؟جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته ڪيس جو رڪارڊ پهرين چالان سان ڳنڍيل آهي.جج بختاور چيو ته سمورو رڪارڊ موجود ناهي، ڪهڙي آفيسر ان ڪيس جي جاچ ڪئي. جاچ آفيسر جواب ڏنو ته جاچ جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم ڪري رهي آهي، اهم جاچ آفيسر علي مردان هو جيڪو هن وقت ڪراچي ۾ مقرر آهي.عدالت پڇاڻو ڪيو ته ايف آءِ اي جو پراسيڪيوٽر ڪٿي آهي؟جاچ آفيسر جو چوڻ هو ته پراسيڪيوٽر بيماري سبب اڄ پيش نه ٿيو.










