ڪراچي(ويب ڊيسڪ)آمريڪي ڊالر جيڪو ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ مهانگو هو ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ سستو هو اڄ انٽر بئنڪ ۾ ڪاروبار جي شروعات ۾ ڪجهه پئسو سستو ٿي ويو آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 6 پئسا سستو ٿيڻ بعد اڄ 286 رپيا 50 پئسا ٿي ويو آهي. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جي مثبت شروعات ٿي آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 32 پوائنٽن جي واڌ سان 41 هزار 956 تي پهچي ويو.ڪالهه 100 انڊيڪس 41923 پوائنٽس تي بند ٿيو.










