عادلپور(ن س)عادلپور جو نوجوان پنجاب جي شهر اوڪاڙا ۾ ٽرين مان ڪري فوت ٿي ويو 25 سالا نوجوان نويد احمد ڀيو ٽرين ۾ بسڪٽ.بوتلون ۽ ٻارڙن جون شيون وڪڻي پنهنجي گهر جو گذر سفر ڪندو هو نوجوان نويد احمد جي لاش کي اوڪاڙه ريلوي پوليس پنجاب جي سول اسپتال پهچايو ويو نوجوان جي موت جو ٻڌي سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.علائقي ۾ سوگ وارو ماحول ڇانجي ويو جڏھن ته فوت ٿي ويل نوجوان جو لاش کڻڻ لاءِ وارث عادلپور کان اوڪاڙه طرف روانا ٿي ويا










