ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي ايم پي او تحت گرفتاري خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪندي ايم پي او تحت حراست ۾ ورتل شهرين ۽ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ احمد علي ايم شيخ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران سنڌ جي گهرو کاتي ۽ پوليس جا آفيسر سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيا.ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته درخواست جي داخل ٿيڻ جو مسئلو آهي.عدالت حاجي محمد کي ايم پي او تحت نظربند ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو.چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ رمارڪس ڏيندي چيو ته اهو هڪ شهري جي آزادي جو معاملو آهي، حراست ۾ ورتل ماڻهن خلاف ڪهڙو مواد آهي؟ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته اسان کي موقعو ڏنو وڃي ته درخواستگذارن خلاف مواد پيش ڪنداسين.










