پي ايس 11 تي ضمني چونڊ جو چهچٽو شروع؛  قاضي وحيد

پي ايس 11 تي ضمني چونڊ جو چهچٽو شروع؛ قاضي وحيد

لڳ ڀڳ هڪ سال اڳ پوري ملڪ ۾ عام چونڊون ٿيون نتيجن بابت ڪيترائي تڪرار به سامهون آيا، ڪيترن اميدوارن گهڻي هاءِ گهوڙا به ڪئي پر پوءِ به کين نتيجا قبول ڪرڻا پيا. ڪيامياب توڙي شڪست کاڌل اميدوارن جا پراڻا پينافليڪس ۽ تصويرون هاڻي به واهڻن توڙي شهرن جي رستن ڪناري تان لڏي لمي انهن چونڊن جي ياد تازي ڪنديون رهن ٿيون. لاڙڪاڻي جي پي ايس 11 ۾ هاڻي اهڙين تصويرن کي لاهي چونڊن جو مقابلو ڪرڻ ارن نون اميدوارن جا ڦوٽو هڻڻ جو وقت اچي مٿان بيٺو آهي. سپريم ڪورٽ پاران انهيءَ تڪ تان ڪامياب ٿيل معظم عباسيءَ جي ايم پي اي شپ ذاتي ملڪيت جا تفصيل ظاهر نه ڪرڻ سبب ختم ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ هاڻي لاڙڪاڻي شهر جي اها سيٽ وڏي اهميت حاصل ڪري وئي آهي. هن مهل تائين جي صورتحال اها آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي طرفان جميل احمد سومرو کي اميدوار طور سامهون آندو ويو آهي. مزي جي ڳالهه اها آهي ته گذريل چونڊن تائين پاڪستان پيپلزپارٽيءَ کي لاڙڪاڻي ۾ ناقابل شڪست سمجهيو ويندو هيو. پر نثار کهڙو جي نااهليءَ بعد بعد سندس ڌيءُ ندا کهڙو جي شڪست کانپوءِ جيتوڻيڪ پيپلزپارٽيءَ جي مقامي قيادت شڪست جا ڪيترائي سبب بحث هيٺ آندا. پر ان ڳالهه ۾ ڪوئي شڪ ناهي ته انهيءَ شڪست هڪ نئين بحث کي جنم ڏنو.

انهيءَ بحث جو ئي تسلسل هيو ته معظم عباسيءَ جي ايم پي اي شپ ختم ٿيڻ بعد سيٽ کٽڻ لاءِ آصفه ڀٽو زرداريءَ کي اميدوار طور بيهارڻ جي ڳالهه به ٿيندي رهي. ان کان علاوه اهي ڳالهيون به افواهي انداز سان هلنديون رهيون ته نثار کهڙو صوبائي صلاحڪاري ڇڏي چونڊ وڙهندو پر صورتحال اها آهي ته گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي ٽڪيٽ تي هڪ ڀيرو ٻيهر معظم عباسي پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي اميدوار جميل احمد سومرو جو مقابلو ڪندو.

ملڪ ۾ ٿيندڙ ضمني چونڊن جي تاريخ تي نظر وجهي ڏسبي ته حڪمران پارٽيون ئي ننڍي چونڊ کٽي وٺنديون آهن. ان جو تازو مثال گهوٽڪيءَ ۾ قومي اسيمبليءَ جي سيٽ تان پيپلزپارٽيءَ جي اميدوار سردار محمد بخش مهر جي ڪاميابي آهي. اها ڪاميابي جيتوڻيڪ آسان نه هئي پر پاڪستان پيپلزپارٽيءَ گهوٽڪيءَ جي انهيءَ سيٽ تي جي ڊي اي، تحريڪ انصاف، ڏٺين ۽ اڻ ڏٺين قوتن کي شڪست ڏيڻ لاءِ پنهنجو سمورو زور لڳايو. بلاول ڀٽو زرداريءَ انهيءَ تڪ تي ٿيل چونڊ کٽڻ لاءِ ٻيا سڀ ڪم ڇڏي ڏنا ۽ سکر ۾ ديرو دمائي ويهي رهيو. لڳي ايئن ٿو ته پنهنجي پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل احمد سومرو کي کٽرائڻ لاءِ به پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جو چيئرمين ننهن چوٽيءَ جا سمورا زور لڳائيندو. تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو زرداريءَ اهڙين ڪوششن جي شروعات ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ ورڪرز ڪنوينشن منعقد ڪرڻ سان شروع ڪري ڏني آهي.

گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جو اميدوار معظم علي عباسيءَ کي وري حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳارو جي مدد ۽ حمايت حاصل رهندي، پيرپاڳاري پنهنجي مريدن کي هدايت ڪئي آهي ته معظم علي عباسيءَ کي وڌ ۾ وڌ ووٽ ڏنا وڃن. معظم عباسيءَ جي ڪاميابيءَ لاءِ لاڙڪاڻو اتحاد، عباسي سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن، انڙ خاندان، جماعت اسلامي ۽ جي يو آءِ (ف) جو اتحاد به سامهون اچي سگهي ٿو. پر ان حوالي کان صورتحال اڃان چِٽي ناهي. پر اهو سو ضرور چئي سگهجي ٿو ته هن ڀيري به پي ايس 11 تي چونڊ جو چهچٽو ڪشمڪش سان ڀريل هوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو