حڪمرانن جي ايجنڊا مان غريب عوام گم آهي:پليجو

حڪمرانن جي ايجنڊا مان غريب عوام گم آهي:پليجو

حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ حڪمران پارٽين، عدليہ ۽ اسٽيبلشمينٽ جي 2016 کان وٺي تضاد ۽ ٽڪراءَ سبب قومي ايجنڊا مان هاري، مزدور، شاگرد، عورتون ۽ ملازم طبقو گم آهن. نہ ڪوئي ڏهن سالن جو ترقياتي منصوبو آهي نہ رستو نہ تعليم، صحت، زراعت يا صنعتن تي توجھ آهي نہ بيروزگاري غربت ۽ مهانگائي تي ڪو ڌيان آھي. 15 سالن کان گورننس ۽ عوامي سهولتن جو سخت بحران آهي، بيروزگاري، غربت ۽ مهانگائي سبب هيٺيون ۽ وچولو طبقو پٿر جي دور واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهي ۽ سياسي پارٽين جي مفادن جي جنگ ۾ پاڪستاني عوام نشانو بڻيل آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت اچڻ نہ ڏني وئي آهي، مينيج ڪري کڻي ايندڙ وارا حڪمران ۽ عوامي قوت کي دٻائي ڪري ملڪ جي صورتحال کي سنگين صورتحال ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستان انصاف، آئين ۽ قانون جي بالادستي ۽ حڪمراني کانسواءِ اڳتي نہ وڌي سگهندو، پاڪستان کي هڪ نئين معاشي، آئيني ۽ سماجي چارٽر جي ضرورت آھي، سياسي تنظيمن جي مفادن جي جنگ سبب پاڪستان جي عوام کي نشانو بڻجي رهي آھي. اياز لطيف پليجو چيو تہ پاڪستان هن وقت شديد معاشي بحران طرف وڃي رهيو آهي، جڏهن تہ پاڪستان هن وقت سخت بحران ۾ آهي. پاڪستان سنگين مسئلن جي ور چڙهيل آهي، سياسي پارٽين جون نظرون اقتدار حاصل ڪرڻ ۽ ڏيڻ وٺڻ تي لڳل آهن، پاڪستان جو 80 سيڪڙو عوام غربت جي چڪي ۾ پيسجي رهيو آهي، ماڻهو بک ۽ بدحالي جو شڪار آهن. جنهن ۾ بيروزگاري حد کان وڌي وئي آهي. اياز لطيف پليجو چيو تہ پاڪستان ۾ عوامي قوتن کي دٻائڻ سبب بحرانن جو شڪار رهيو آهي. جمهوريت جو مطلب برابري آهي، جڏهن تہ هتي ناانصافي ۽ غريب عوام کي نظرانداز ڪري امير ماڻهن لاء جمهوريت قائم ڪئي آھي۔ اياز لطيف پليجوچيو تہ سنڌ ۾ ڪرپشن ڪرڻ کي حق سمجهيو وڃي ٿو. ڪالھ جا غريب عوام جا پئسا دولت چوري ڪري اڄ ارب پتي بڻجي ويا آهن، ڪرپشن جي ڪينسر ۾ سنڌ جا سمورا ادارا تباھ ٿي ويا آهن. ڪالھ جا غريب عوام جي دولت چوري ڪري اڄ ارب پتي بڻجي ويا آهن، ڪرپشن جي ڪينسر ۾ سنڌ جا سمورا ادارا تباھ ٿي ويا آهن. ڪالھ جا غريب عوام جي دولت چوري ڪري اڄ ارب پتي بڻجي ويا آهن سنڌ جا سمورا ادارا ڪرپشن جي ڪينسر ۾ مبتلا ٿي ويا آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو