پي ڊي ايم ڌرڻو، جي يو آءِ جا قافلا اسلام آباد روانا

پي ڊي ايم ڌرڻو، جي يو آءِ جا قافلا اسلام آباد روانا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) پاران سپريم ڪورٽ ٻاهران ڌرڻي جو اعلان ڪرڻ کانپوءِ بلوچستان سميت سڄي بلوچستان مان جمعيت علماءِ اسلام (ف) جا قافلا اسلام آباد ڏانهن روانا ٿي ويا.جميعت علماءِ اسلام ف ۽ پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان جي سڏ تي جي يو آءِ ف جو قافلو حب ۽ لسبيلا کان روانو ٿي ويو.جي يو آءِ ف اڳواڻ شاهه محمد صديقي جو چوڻ آهي ته مولانا فضل الرحمان جي هدايت تي سڄي بلوچستان مان قافلا روانا ٿي رهيا آهن.جمعيت علماءِ اسلام (ف) مستونگ جو قافلو به اسلام آباد روانو ٿي ويو.مولانا فضل الرحمان جي سڏ تي جي يو آءِ ف جا قافلا نوشڪي ۽ تفتان کان به اسلام آباد روانو ٿي ويا آهن.مولانا فضل الرحمان جي سڏ تي خضدار کان به جي يو آءِ جو قافلو اسلام آباد روانو ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو