لاهور (ويب ڊيسڪ)تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان 9 مئي کانپوءِ داخل ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتاري کان روڪڻ لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو.عمران خان طرفان داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ نيب طرفان گرفتاري کي غير قانوني قرار ڏئي چڪي آهي، مٿس ڪيترائي نوان ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، ڳجهن ڪيسن ۾ به گرفتاري جو خدشو آهي. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته عدالت سندس خلاف پنجاب ۾ داخل ٿيل نئين ڪيس جا تفصيل طلب ڪري 9 مئي کانپوءِ داخل ڪيل ڪنهن به ڪيس ۾ سندس گرفتاري کان روڪڻ جو حڪم ڏئي.










