ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت اڳواٽ سروي ۾ شامل خاندانن کي قسط ملي رهي آهي. سڄي ملڪ ۾ لکين ماڻهو آهن جيڪي ان مان لاڀ وٺن ٿا پر ڪيترائي ماڻهو آهن جيڪي اهڙي سهولت کان محروم آهن. ڇو ته سنڌ ۾ اڪثر عورتن جا سڃاڻپ ڪارڊ ٺهيل ناهن هوندا، ان جا مختلف سبب ٿي سگهن ٿا پر هڪ مکيه سبب نادرا جا شرط پورا ڪرڻ ۽ آفيسن ۾ سهولتن جي کوٽ ۽ ڊگهيون قطارون آهن. سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ ڄڻ هڪ وڏي جدوجهد بڻيل آهي، جيتوڻيڪ هي هڪ بنيادي حق آهي ۽ هڪ اهم دستاويز آهي، سڃاڻپ ڪارڊ کانسواءِ ملڪ جي رهواسين سان ڪيترائي مسئلا پيش اچي سگهن ٿا. نادرا پاران سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ لاءِ موبائيل آفيسون ٺاهيون ويون جيڪي ڳوٺن ۾ وڃي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائينديون رهيون پر پوءِ به ڪيترائي ماڻهو سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ کان رهيل آهن، لڳي ائين ٿو ته حڪومت کي وڌيڪ ڪوششون وٺڻ جي ضرورت آهي. اڄ به سنڌ جي مختلف شهرن ۾ نادرا جي عملي خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا ۽ عملي خلاف شڪايتون ڪيون ويون. سنڌ سرڪار کي هن اهم مسئلي تي ڌيان ڏئي مرڪزن ۽ عملي ۾ واڌ ۽ سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ واري عمل جي نگراني ڪرڻ جي ضرورت آهي جيئن سنڌ جي رهواسين جا سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ ۾ تيزي اچي سگهي. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت مستحق گهراڻن جي مالي مدد لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي آفيسن ۾ بينظير ڊائنامڪ رجسٽريشن ڊيسڪ قائم ڪيل آهن جتي سڃاڻپ ڪارڊ ساڻ کڻي وڃي رجسٽريشن ڪرائي سگهجي ٿي. جن جا ٻار تعليم حاصل ڪري رهيا آهن ۽ انهن کي وظيفو نٿو ملي ته اهي عورتون نادرا مان بي فارم حاصل ڪن ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي آفيس مان مليل فارم ڀري جمع ڪرائين. اهڙي ريت کين ٻارن جي تعليم لاءِ به وظيفو ملي ويندو.










