توهين پارليامينٽ بل 2023 قومي اسيمبلي ۾ پيش

توهين پارليامينٽ بل 2023 قومي اسيمبلي ۾ پيش

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ توهين پارليامينٽ بل 2023 پيش ڪيو ويو. جڏهن ته وڌيڪ غور جي لاءِ بل کي قانون ۽ انصاف جي قائمه ڪميٽي حوالي ڪيو ويو آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر بل تي ڪميٽي رپورٽ 7 ڏينهن ۾ طلب ڪري ورتي.قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت هيٺ ٿيو اجلاس دوران قومي اسيمبلي ميمبر راڻا قاسم نون طرفان بل پيش ڪيو ويو.بل پيش ڪندي رانا قاسم نون چيو ته بدقسمتي سان ڪمزور ماءُ ڪمزور اولاد جو سبب بڻجندي آهي. جيتري بي حرمتي هن ايوان جي ٿي ان کان اڳ ڪڏهن به ناهي ٿي. هن ايوان ۾ گذريل دور ۾ لعنتون وسايون ويون. ميڊيا ۾ اسان جو ٽرائيل ۽ پارليامينٽ کي انڊر مائن ڪيو ويندو آهي. هن پارليامينٽ جي عزت هوندي ته سڀني جي عزت هوندي. پارليامينٽ جي بي حرمتي تي سزا ۽ جزا هجڻ گهرجي.قانون بابت مملڪتي وزير شهادت اعواڻ چيو ته هي اهم نوعيت جو بل آهي ۽ هن بل کي وڌيڪ غور جي لاءِ قانون ۽ انصاف ڪميٽي ڏانهن اماڻيو ويندو. قانون ۽ انصاف ڪميٽي هڪ ڏينهن ۾ رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪندي. پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي به بل ڪميٽي ڏانهن اماڻڻ جي حمايت ڪئي پر اپوزيشن اڳواڻ بل ڪميٽي حوالي ڪرڻ جي مخالفت ڪئي ۽ چيو ته اهو اسان جي عزت جو مسئلو آهي. ڪميٽي ڏانهن نه اماڻيو وڃي. شيخ روحيل اصغر چيو ته هاڻ وزير صاحبان پنهنجي نوڪري پڪي ڪرڻ لاءِ چئي رهيا آهن ته ڪميٽي ڏانهن اماڻي ڇڏيو. هن وقت سمورو ايوان هن وزيرن کان علاوه ڪيترائي ماڻهو چون ٿا ته معاملو ڪميٽي ڏانهن اماڻي ڇڏيو. ليگي اڳواڻ جاويد لطيف چيو ته هاڻ مٽي وجهو ۽ اڳيان هلو واري پاليسي نه هلندي. ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ۽ نوازشريف کي نااهل ڪري اڳيان وڌڻ جو چيو ويو. اسان کي ڪڏهن بندوق وارا ته ڪڏهن هٿوڙي وارا جهلي وٺندا آهن. هن چيو ته ماضي ۾ اسپيڪر رڪارڊ سپريم ڪورٽ ڏانهن اماڻي توهين پارليامينٽ ڪئي هئي. مسئلو اهو آهي ته ڪيستائين ملڪ جو نقصان ٿيندو رهندو. ۽ اسان مٽي وجهندا رهنداسين. ڀٽو کي ڦاهي ڏني وئي ته چيو ويو ته مٽي وجهو اڳيان هلو، نوازشريف تاحيات نااهل ٿي ويو تڏهن به چيو ويو ته مٽي وجهو، اڳيان هلو.ليگي اڳواڻ چيو ته هن هائوس مان ادارن کي روشني ملندي آهي، ان باوجود هن هائوس جي عزت ڇو پامال ٿيندي آهي. ايوان فيصلو ڪيو آهي، راءِ ڏني آهي ان ڪري هن معاملي جو نوٽيس ورتو وڃي. جيڪڏهن ڪسٽوڊين هن ڳالهه جو اسٽينڊ نه وٺندو ته ڪير وٺندو؟ ڪيئن تقدس بحال ٿيندو. قانون ۽ انصاف واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته توهين پارليامينٽ بل قانون ۽ انصاف ڪميٽي ڏانهن وڃڻ گهرجي. راڻا قاسم نون جي سٺي ڪوشش آهي ته اهو ڪم اڳ ئي ٿيڻ گهرجي ها، اداري جي بالادستي لاءِ قانونسازي ٿيڻ گهرجي. ادارا هن ايوان جي تقدس جو خيال رکن هي قانون هن اداري جي ڪارڪردگي کي هٿي ڏئي ٿو. قانون واري وزير چيو ته ادارن جو احترام ۽ رٽ قائم ڪرڻ لاءِ قانونسازي ٿيڻ گهرجي. ادارا هڪ ٻئي جي حدن ۾ دخل اندازي کان پاسو ڪن. پارليامينٽ کي پنهنجي حقن جي خبر آهي ۽ تحفظ ڪرڻ ڄاڻي ٿي. آئين ۾ ترميم ۽ قانونسازي جو اختيار صرف پارليامينٽ جو آهي ۽ آئين جي تشريح ڪندڙ ادارو تشريح وقت پارليامينٽ جي حدن کي آڏو رکي. حڪومت توهين پارليامينٽ بل جي حمايت ڪري ڇڏي ۽ بل کي وڌيڪ غور جي لاءِ ڪميٽي ڏانهن اماڻڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو