اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشه خانه ڪيس ۾ عمران خان ۽ بشرا بي بي کي نيب ۾ طلب ڪرڻ کي قانون خلاف قرار ڏئي ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس بابر ستار توشه خانه نيب ريفرنس ۾ عمران خان ۽ بشرا بي بي جي طلبي جي درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.عدالت نيب جي طلبي نوٽيس خلاف ٻنهي درخواستن جي ٻڌڻي ڪندي طلبي نوٽيس کي قانون خلاف قرار ڏئي ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان ۽ بشرا بي بي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي چيو آهي ته نيب جي ڪال اپ نوٽيس جي ڪا قانوني حيثيت ناهي.عدالت چيو ته 17 فيبروري ۽ 16 مارچ جا نوٽيس قانون موجب ناهن، اهو چوڻ جي ضرورت ناهي ته قانون موجب نيب نوان نوٽيس جاري ڪرڻ ۾ آزاد آهي. قانون موجب نيب تي نوان نوٽيس موڪلڻ تي ڪا به پابندي ناهي.










