15 ڏينهن تائين پيٽرول جي قيمت برقرار رکڻ جو اعلان

15 ڏينهن تائين پيٽرول جي قيمت برقرار رکڻ جو اعلان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تبديلي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 5 رپيا گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ نئين قيمت 288 رپيا في ليٽر ٿي ويندي.هن چيو ته پيٽرول جي اگهه ۾ واڌ جي تجويز هئي پر پيٽرول جي في ليٽر قيمت 282 رپيا برقرار رهندي.هن چيو ته گاسليٽ جي قيمت ۾ 10 رپيا 176 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ به 10 رپيا 68 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي.پيٽروليم شين جا نوان اگهه پهرين مئي کان 15 مئي تائين لاڳو هوندا.

پهنجو تبصرو موڪليو