ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اوپننگ بيٽسمين فخر زمان چيو آهي ته تيز ترين 3000 رنسون ٺاهڻ وارو ايشين بيٽسمين بڻجڻ تي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي.هن چيو ته رڪارڊ ٺهي رهيا آهن، اهم ڳالهه اها آهي ته ٽيم توهان جي رنسن سان کٽي ٿي، مون کي وڌيڪ خوشي ٿيندي آهي جڏهن ٽيم ڪامياب ٿيندي آهي.فخر زمان چيو ته چيمپيئنز ٽرافي جي فائنل ۾ سينچري سڀ کان يادگار لمحو آهي، اها سينچري اڄ به سڀني کي ياد آهي.هن وڌيڪ چيو ته هن ڏکڻ آفريڪا ۾ 193 رنسن جي اننگز جو مزو ورتو، جيڪڏهن هو ميچ کٽي ها ته اننگ فيورٽ هجي ها.ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنل بيٽسمين فخر زمان جو چوڻ هو ته مان پنهنجي نيچرل راند کيڏي پنهنجي پارٽنر لاءِ آساني پيدا ڪرڻ چاهيان ٿو، منهنجي اهڙي اٽيڪنگ کيڏڻ فطري راند آهي هڪ سوال جي جواب ۾ فخر زمان چيو ته مان امام الحق سان گڏ ڊوميسائيل تي گهڻو کيڏيو آهي ان ڪري اسان هڪ ٻئي کي سمجهون ٿا، امام الحق جي راند ۾ بهتري ڏسڻ به خوشي جي ڳالهه آهي.هن اميد ظاهر ڪئي ته امام الحق باقي ٽن ميچن ۾ به ٻه سينچريون اسڪور ڪندو.










