پاڪستان ۽ يو اَي اِي پاران فوڊ سيڪورٽي بابت ڳالهيون

پاڪستان ۽ يو اَي اِي پاران فوڊ سيڪورٽي بابت ڳالهيون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وزيراعظم جي پبلڪ ڪميونيڪيشن اينڊ ڊجيٽل پليٽ فارم لاءِ خاص مددگار فهد هارون گڏيل عرب امارات جي قونصل جنرل بخيت الرميثي سان ملاقات ڪئي. ٻنهي فوڊ سيڪيورٽي ۽ موسمياتي تبديلي جي اثرن بابت آگاهي ڏيڻ لاءِ ٻطرفا لاڳاپا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ هز هائينس شيخ خليفه بن زيد النهيان پاران پاڪستان ۾ خوارڪ جي ڪمي کي پورو ڪرڻ لاءِ قائم ڪيل فوڊ پروگرام تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. گڏيل عرب امارات جي ميڊيا جي آيل وفد کي فهد هارون پاڪستان حڪومت ۽ خاص ڪري سنڌ حڪومت پاران خوراڪ جي کوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ شروع ڪيل منصوبن بابت بريف ڪيو. ان موقعي تي قونصل جنرل ڏکڻ سنڌ جھي غريب ماڻهن جي علاج لاءِ شروع ڪيل طبي مهم بابت به تفصيل شيئر ڪيا. ياد رهي ته گڏيل عرب امارات غربت جي خاتمي، صحت ۽ تعليم جي شعبن ۽ قدرتي آفتن ۾ عوام جي مدد ۾ اڳڀرو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو