اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ صحافي ارشد شريف قتل ڪيس جي ٻڌڻي اڄ ٿيندي.ارشد شريف قتل ڪيس جي ٻڌڻي جڊيشل مئجسٽريٽ عباس شاهه جي عدالت ۾ ٿيندي.جڊيشل مئجسٽريٽ عباس شاهه ڪيس جي ٻن شاهدن کي اڄ طلبي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.عدالت مرحوم ارشد شريف جي بيواهه صوميا ارشد ۽ ويجهي ساٿي علي عثمان کي شاهد طور طلب ڪري ورتو آهي.ارشد شريف جي قتل جو ڪيس رمنا ٿاڻي تي قتل جي سيڪشن تحت داخل آهي، جنهن ۾ 3 جوابدارن وقار احمد، خرم احمد ۽ طارق احمد کي نامزد ڪيو ويو آهي.سمورا شاهد ۽ ثبوت عدالت ۾ پيش ڪيا ويندا.










