اليڪشن لاءِ فنڊ، ڪميشن جي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع

اليڪشن لاءِ فنڊ، ڪميشن جي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ چونڊن لاءِ فنڊز جي فراهمي بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي.ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن طرفان فنڊن جي فراهمي بابت رپورٽ گذريل رات جمع ڪرائي وئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن جي 2 صفحن تي ٻڌل پيش رفت رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته فنڊز نه مليا آهن.ذريعن وڌيڪ ٻڌايو آهي ته اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ کي آگاهه ڪيو آهي ته چونڊن لاءِ فنڊ نه ملي سگهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو