ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پيپلز پارٽي سنڌ پاران 25 اپريل تي سڄي سنڌ ۾ ٿيندڙ احتجاج ملتوي ڪري ڇڏيو، پ پ سنڌ صدر سينيٽر نثار کهڙو چيو آهي ته پيپلز پارٽي هن وقت پنهنجو احتجاج تحمل جو مظاهرو ڪندي ملتوي ڪري رهي آهي اسان عدليه سميت سمورن ادارن کان مطالبو ٿا ڪريون ته عوام جو آواز ٻڌي ملڪ ۾ هڪ ئي ڏينهن تي چونڊون ڪرايون وڃن جيڪڏهن عوام جو آواز نه ٻڌو ويو ته ٻيهر احتجاج جي تاريخ جو اعلان ڪيو ويندو پاڪستان الڳ چونڊون برداشت نٿو ڪري سگهي الڳ چونڊون پاڪستان جو سياسي نظام تباهه ڪري ڇڏينديون،. الڳ چونڊون هميشه چونڊن جي شفافيت تي سواليه نشان لڳنديون، اسيمبلين جي 5 سالن جي مدي جي هڪ ڏينهن بعد چونڊون سياسي نظام کي مضبوط ڪري سگهن ٿيون










