اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ حڪمران پارٽين جو اعليٰ سطحي مشاورتي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. وزيراعظم آفيس پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب ملاقات ۾ آئيني ۽ قانوني معاملن تي مستقبل جي حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو، جڏهن ته ملڪ ۾ نگران حڪومتن جي دور ۾ عام چونڊن جي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.پڌرائي موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته عيد کانپوءِ حڪمران پارٽين جو اجلاس گهرايو وڃي، اتحادي پارٽين ۾ چونڊن بابت مشاورت جو عمل اڳ ئي جاري آهي، وزيراعظم ان حوالي سان ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته بلاول ڀٽو ۽ مولانا فضل الرحمان وچ ۾ ملاقات به ان سلسلي جي ڪڙي آهي ۽ وزيراعظم سان جماعت اسلامي جي امير جي ملاقات به ان سلسلي جو حصو آهي.پڌرائي موجب اجلاس ۾ ان ڳالهه کي ورجايو ويو ته اسان کي آئين، جمهوريت ۽ چونڊن جي انعقاد تي مڪمل يقين آهي، اسان ڪڏهن به ڪنهن تي ڳالهين جا دروازا بند نه ڪيا آهن.










